ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال بابت حڪومتي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اسد عمر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حڪومتي قدمن سبب ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آھي، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا کان بچڻ جو واحد رستو ايس او پيز تي عمل ڪرڻ آھي. هن چيو ته حڪومت ۽ عوام جي گڏيل سهڪار سان ڪورونا تي ضابطو اچي ويندو، عوام ڪورونا کان بچاءِ واري ويڪسين لڳرائي.