لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته ايشيا ڪپ 2022 تائين ملتوي ٿي ويو آهي. پي سي بي ترجمان موجب ايشيا ڪپ 2022 تائين ملتوي ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ شوقين پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ کان لطف اندوز نه ٿي سگهندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پڌرائيءَ ۾ ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ملتوي ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ به ايشيا ڪپ گذريل سال ٿيڻو هو پر ڪورونا وائرس سبب ان کي 2021 تائين ملتوي ڪيو ويو هو.