ڪورونا ايس او پيز جون قيادت طرفان ئي ڀڃڪڙيون

0
253
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪورونا جي روڪٿام لاءِ حڪومتي فيصلا سدائين تڪرار جي ور چڙهيل  رهيا آهن.ڪڏهن اهي تڪرار صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ رهيا آهن ته ڪڏهن اهي تڪرار دڪاندارن ۽ حڪومتي وچ ۾ سامهون آيا ته ڪڏهن انهن فيصلن کي عوامي مڃتا نه ملي سگهي ۽ انهن فيصلن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ ڪري  ڪورونا جهڙي سنگين وبا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. حڪمرانن جي انهن فيصلن جو تڪراري ٿيڻ حڪمرانن طرفان پاڻ فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ آهي  جنهن ڪري عوام به انهن فيصلن تي ايئن عمل نه پيو ڪري جهڙي نموني انهن تي عمل ٿيڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪمران پاڻ  جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته عوام کي ڪيئن قائل ڪري سگهندا ته اها وبا خطرناڪ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪومتي فيصلن تي عمل ڪرڻ هر ماڻهو تي لازمي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا بند هجڻ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلي ايستائين جو خانگي اسڪول هلائيندڙ انتظاميا ۽ ڪجهه ساڃاهه وندن ڪيترن شهرن ۾ مظاهرا پڻ ڪيا جڏهن ته سنڌ سرڪار جو چوڻ هو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب تعليمي ادارا کولي نه ٿا سگهجن. انهي کانپوءِ سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ ڪجهه نئين ايس او پيز سان گڏ اهو اعلان ڪيو ته 30 آگسٽ يعني سڀاڻي کان اسڪول کوليا ويندا پر صرف اهي اسڪول کولي سگهبا جتي ڪورونا ويڪسينيشن سو سيڪڙو ٿيل هوندي. جڏهن ته شاپنگ مالز ،هوٽلز ،گيسٽ هائوسز ۽ شادي هالز جي اسٽاف کي به 30 سيپٽيمبر تائين  ويڪسين ڪرائڻ جي مهلت ڏني وئي آهي. حڪمران فيصلا ته ڪري ٿا ڇڏين پر پاڻ  انهن فيصلن جون ڀڃڪڙيون ڪن ٿا،تعليمي ادارا کولرائڻ لاءِ به مهم تڏهن شروع ٿي جڏهن سڄي صوبي ۾ ڪاروبار،مارڪيٽون۽ بازارون کليل هيون رڳو تعلمي ادارا بند هئا جنهن ڪري تعليمي ادارا کولرائڻ جي حامين جو موقف هو ته ڪورونا رڳو تعليمي ادارن ۾ ٿي ٿئي ڇا جو باقي سڀڪجهه کليل آهي ۽ رڳو تعليمي ادارا بند آهن؟ هاڻي به اها ئي صورتحال آهي رڳو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي قيادت جي اها حالت ناهي. پيپلز پارٽي جي قيادت جنهن جي سنڌ ۾ حڪومت به آهي  يا وفاق ۾ حڪمران بڻيل  پي ٽي آءِ جي قيادت  يا مخالف ڌر جي وڏي اتحاد پي ڊي ايم جي قيادت اهي ڪورونا جي ڏينهن ۾ اهڙيون سرگرميون ڪري رهيا آهن جنهن سان ڪورونا پکڙجڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن جڏهن ته سڄي ملڪ جا جيڪي انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن انهن مان به نظر اچي رهيو آهي ته ڪيس وڌي رهيا آهن.  وفاقي حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي بابت اسلام آباد ۾ ڪنوينشن سينٽر ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙاڪو ڪوٺايو ،ته پ پ جوچيئرمين سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪري رهيو آهي ۽ پي ڊي ايم وارا اڄ سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ جلسو ڪري رهيا آهن، جتي ڪورونا جي ڪيسن جو تعداد اڳ ئي گهڻو آهي. جيڪڏهن عوام جي رهنمائي ڪندڙ اڳواڻ پاڻ ئي انهي صورتحال ۾ اهڙا فيصلا ڪندا ته پوءِ ڪورونا جي پکڙجڻ واري دعويٰ کي ته عوام سياسي معاملو ئي سمجهندو جنهن کي جڏهن وڻي ڪورونا جي آڙ ۾ڪهڙا به فيصلا ڪري ؟

اسان سمجهون ٿا ڪورونا واقعي ئي اهڙي خطرناڪ وبا  آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ سنجيده نموني فصلا ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جي اڪثريت انهي وبا کان بچي سگهي. هاڻي به روز ڪيترائي ماڻهو انهي وبا جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن تنهن ڪري حڪمران يا سياسي اڳواڻ عوام لاءِ مثال قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن عوام کي انهن ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو پابند بڻائي سگهجي .