ڪوٽڏيجي ڀرسان همراهه جو سڙيل حالت ۾ لاش هٿ

0
198

ڪوٽڏيجي(ن پ ا) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال خان جي وانڍ جو رھواسي 35 سالا غلام شبير  عرف اميرو ڪاندڙو جو سڙيل حالت ۾ لاش ھٿ آيو آهي.

 اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته  غلام شبير عرف اميرو ڪاندڙو نشي جو عادي ھو، شايد نشو واپرائيندي کيس باھ لڳي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.