ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
268
ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو
ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪوئيٽا: بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي اقبال اسٽريٽ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

  پوليس موجب ڌماڪي ۾ اقبال اسٽريٽ تي بيٺل گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهتو. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جڏهن ته 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو. زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اهو نه ٻڌايو ته ڌماڪو ڇا جو هو، پر سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.