ڪوئيٽا ۾ جناح روڊ تي ڌماڪو، 4  ڄڻا مارجي ويا، 15 کان وڌيڪ زخمي

0
195
ڪوئيٽا ۾ جناح روڊ تي

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) ڪوئيٽا ۾ جناح روڊ تي ڌماڪو، 4  ڄڻا مارجي ويا، 15 کان وڌيڪ زخمي، مارجي ويلن ۾ محمد اڪرم، شرف الدين، يونس آغا ۽ هڪ اڻڄاتل شامل، ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڏني

ڊي آءِ جي فدا حسين شاهه جو چوڻ آهي ته ڌماڪو جَي يو آءِ جَي نظرياتي پروگرام کانپوءِ ٿيو، اڍائي ڪلو ڌماڪيدار مادو ٿنڀي ۾ لڳايو ويو هو، بلوچستان جَي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ڌماڪي جو نوٽيس ورتو، آءِ جِي کان رپورٽ طلب