خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت تعلقي ڪنگريءَ جي ڳوٺ فتح الله گهمرو جي رهواسڻ مسمات حنيفان ميربحر طرفان  داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي الزام هيٺ آيل سندس ڀائرن ۽ بااثرن مولابخش، امداد حسين، معشوق علي ۽ جيئند گهمرو خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار الزام مڙهيو آهي ته موروثي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.