ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽر)  6 مھينا اڳ صوفي انور شاھ جي ميلي تي ويل ڪنڌڪوٽ واسي ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ ڄام مسڪان ساوند ۾ اوطاق تي سندراڻي ھٿياربندن جي حملي ۾ ملڪ برادري جو پوليس جمعدار شير علي ملڪ، پٽ نصيب الله ملڪ ۽ مائٽ علي رضا ملڪ قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن جو نبيرو ملڪ ھائوس تي ايم پي اي چيف سردار عابد سندراڻي، لياقت ملڪ، سردار سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، في خون جو عيوضو 20 لک، زخمي جا ڏهه ڏهه لک،  30 لک روپيا خرچ جو ڏنڊ رکيو ويو، مجموعي طور ھڪ ڪروڙ ويهه لک سندراڻي برادري تي ڏنڊ رکيو ويو، ڏهه لک موقعي تي ادا ڪيا ويا، باقي قسطن ۾ رقم ادا ڪئي ويندي، ڌريون کيرکنڊ  ٿي ويون.