ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جساف طرفان نازيا کوسو ۽ سندس معصوم نينگري ڪوثر جي اغوا واقعي خلاف گهنٽاگهر چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ولي ڏنو سنڌي، حفيظ سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ نياڻين کي ست قرآن سمجهندي آهي نياڻين کي اغوا ڪري سنڌ ڌرتي کي لڄائي رهيا آهن. هنن چيو ته هي هٿياربند جيڪي نياڻين کي اغوا ڪري مڙسي ٿا ڏيکارين اها مڙسي نه پر بزدلي آهي هنن چيو ته اسين کوسا برادري سان هر موڙ تي گڏ آهيون هنن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر نياڻي نازيا کوسو ۽ معصوم نينگري 2 سالن جي ڪوثر بازياب نه ٿي ته اسين انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪنداسين.