ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر ٿاڻي جي حد ددڙ پوليس پڪٽ تي ڏوهاري جي حملي ۾ 2 جوان شهيد ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.گوليون لڳڻ سبب نوشهروفيروز واسي نثار ڪلهوڙو، ڪنڌڪوٽ واسي الله ڏنا سبزوئي شهيد، جڏهن ته اي ايس آءِ انور چنو ۽ زاهد نصيراڻي زخمي ٿي پيا.شهيد اهلڪارن جا مڙهه پوليس موبائل تي اسپتال آندا ويا، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي ٻين اهلڪارن موٽرسائيڪل تي کڻي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پهچايو. پڪٽ تي حملي بعد پوليس پاران وڌيڪ پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ رينجرز اهلڪار گڏجي پوليس آپريشن ۾ حصو ورتو. ان سلسلي ۾ بروقت پوليس جو موقف سامهون اچڻ تي ٻڌايو ويو ته ددڙ پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پوليس جوان آر آر ايف سکر جي پلٽون هئي جنهن تي ڏوهاري ٽولي حملو ڪيو. پوليس پڪٽ تي 20 کان مٿي ڌاڙيلن جي ٽولي پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو. پوليس موجب پوليس پڪٽ ددڙ تي ڀيو گينگ حملو ڪيو. ڪنڌڪوٽ:ددڙ پوليس پڪٽ تي حملي بعد ڪنڌڪوٽ جي سول اسوتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. پوليس پڪٽ تي حملي بعد شهيد پوليس اهلڪارن جي مڙه ۽ زخمين کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري ۽ سبزوئي برادري جا ماڻهو اسپتال پهتا جنهن سبب امدادي ڪارواين ۾ مشڪلاتون سامهون آيون.پوليس پڪٽ تي حملي بعد ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي اسپتال پهتو جتي ڊي سي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪار ڏوهاري ٽولي سان بهادري سان مقابلو ڪيو اسان سڀني جو فرض آهي ته پنهنجي پوليس جو ساٿ ڏيون هن چيو ته اسپتال ۾ سڀ گهرجون مڪمل هنيو وڌيڪ علاج لاءِ زخمي اهلڪارن کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي.