ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي پوليس چوڪي تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سميت 2 زخمي

0
21
ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن
ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن

اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا پوليس تي حملا جاري، ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي پوليس چوڪي تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد، اي ايس آءِ سميت 2 زخمي، پوليس پاران هڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ددڙ پوليس چوڪي تي حملي ۾ نوشهرو فيروز واسي اهلڪار نثار ڪلهوڙو ۽ ڪنڌڪوٽ واسي الهڏنو سبزوئي شهيد ٿي ويا، اي ايس آءِ انور چنو ۽ زاهد نصيراڻي زخمي ٿي پيا، شهيدن جا مڙهه ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا

 شهيد اهلڪار نثار ڪلهوڙو جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوليس موجب فجر مهل 20 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو

 پوليس اهلڪار عامر ڏهر جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾  حملو ڪندڙ ڌاڙيل امداد ڀيو جو ڀاءُ مينڌرو عرف موالي ڀيو مارجي ويو آهي

ٻه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ويجهو به پوليس چوڪي تي حملي ۾ پوليس اهلڪار شاهنواز ککراڻي شهيد ٿي ويو هو

هي به پڙهندا

رستم ڀرسان هٿياربند وين ۾ سوار 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ٿاڻي جو گهيراءُ