ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ عبدالخالق سهرياڻي ۾ گولا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران شيخ برادري جي اڪبر شيخ ۽ ڪٽو شيخ سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ ڌر جي 8 سالا نينگر مدثر شيخ دانهيندي الزام هنيو ته ڏاڏو گولو کيس دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو، نينگر جي والد ڪٽو شيخ چيو ته گولا برادري جا اوباش نوجوان سندس پٽ کي تنگ ڪندا رهن ٿا، هن چيو ته پٽ شئي وٺڻ لاءِ دڪان تي وڃي رهيو هو ته ڏاڏو گولو کيس زبردستي بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نينگر جي رڙين تي اسين پهچي وياسين ته هنن حملو ڪري زخمي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جا جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته بدفعلي جي ڪوشش جي الزام هيٺ آيل جوابدار ڏاڏو گولو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.