ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا شهر جي نئين ڳوٺ ۾ رات سکر، روهڙي ۽ ڪنڌرا پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪارن گهر تي چڙهائي  ڪري اشوڪ ڪمار جي دڪان مان ڦر الزام ھيٺ آيل راشد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايس پي سکر عرفان سمون ڦر واقعي سخت نوٽيس وٺندي ڪنڌرا ٿاڻي جي ايس ايچ او علاءُ الدين ڦلپوٽو کي بدلي ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو. هوڏانهن هنڌو  پنچائت ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي طرفان هنڌو پنچائت ۽ دڪاندارن سميت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ سوڌو ٻين مطالبن تي تڪڙي ڪاورائي ڪرڻ بعد هندو پنچائت جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مکي نامون مل اشوڪ ڪمار، ارجن مل، مکي لڌو مل ۽ ٻين گڏيل صلاح مشوري بعد پنهنجو ٻن ڏينهن کان بند ڪيل سمورو ڪاروبار ٻيهر کولي ڇڏيو آهي. هوڏانهن هندو پنچائت جي اڳواڻن رابطي تي ٻڌايو ته اسين پرامن شهري آهيون ۽ قانون هٿ ۾ نٿا کڻڻ چاهيون اسان کي ايس ايس سکر مٿان پورو يقين آهي ته هو اسان کي انصاف ڪرڻ سان گڏوگڏ تحفظ فراهم ڪندو .