ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ رسولپور ۾ 65 ع/ 71 ع جي ٻن پاڪ-ڀارت جنگين ۾ حصو وٺندڙ حر مجاهد غازي فقير دلشير ڪانڌڙو 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، انتهائي هوشيار ۽ ڪچھري جو ڪوڏيو ليکيو ويندو سندس جي جنازي نماز ۾ حرجماعت ۽ برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. غازي فقير دلشير ڪانڌڙو جي مڙهه کي اباڻي قبرستان پير نورشاهه نواب ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.