ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ ڳوٺاڻن پوليس چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قائم راڄپر, پٺاڻي, آفتاب علي سومر راڄپر ۽ ٻين چيو ته ڀريا سٽي پوليس ڳوٺ لونگ راڄپر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، جنهن ۾ ٻه عورتون پٺاڻي، سياڻي ۽ هڪ نوجوان آفتاب زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس گهر مان ڦر لٽ ڪرڻ بعد ٻن نوجوانن کي کنڀي کڻي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس چڙهائي جو نوٽيس وٺي کنڀيل ٻن نوجوانن کي آزاد ڪرايو وڃي.