ڪنڊيارو (ن پ ا)ڪنڊيارو شهر جي بابن شاهه چوڪ واسي عائشا ڪلهوڙو پنهنجي ڀاءُ نصيب الله سان گڏجي برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين ۽ گهر تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته هو غريب آهن، برادري جي بااثرن اختيار ۽ رجب ڪلهوڙو اسان جو  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن گهر تي حملو ڪري مارڪٽ ڪئي وئي ۽ نياڻين تي تشدد ڪيو ويو، ٿاڻي تي پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن تي نامزد جوابدار جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.