ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شھر جي ميمڻ محلي واسين ارشاد گهانگهرو، سعيد گهانگهرو برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، هنن چيو ته اسان جي زرعي زمين ڳوٺ ڌڻي ڏنو گهانگهرو ۾ آهي، جنهن تي برادري جي بااثر حڪيم گهانگهرو ۽ سندس ڀائرن قبضو ڪري ڇڏيو آھي، اهڙي دانهن ڪنڊيارو پوليس کي پڻ ڏني آھي پر حد جي پوليس بااثرن جي ونگارو بڻيل آھي، هنن چيو ته بااثر جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زمين تا قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.