ڪنڊيار (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڪونڊو لاکو ۾ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ مڱريا  برادري پاران ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو، قافلي ۾ عبدالغفور مڱريو، شبير مڱريو، عمر جمال مڱريو، لونگ،  نور محمد ۽ ٻيا شامل هئا، جن 20 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل شڪيل لاکو جي وارثن کي ٺاهه لاءِ چيو، ان ڏس ۾ وارثن پاران فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ۽ چيو ته اڳ ۾ شڪيل لاکو جا قاتل گرفتاري پيش ڪن، بعد ۾ فيصلي لاءِ سوچيو ويندو، قافلو جوابدار ڌر عبدالله لاکو وٽ پڻ پهتو جتي قافلي کي موٽ ڏيندي چيو ويو ته هو فيصلي لاءِ راضي آھن.