ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي اميرآباد پاڙي ۾ کدڙن فقير جي گرو 60 ورھين قمرالنساءِ فقير رانگھڙ جو مڙھي جي اندر ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ورتو. گڏ رھندڙ کدڙي فقير ثنا ٻڌايو ته اسان شھر ڦيري لاءِ ويل ھئاسين، واپسي مڙھي تي آياسين ته قمر جو لاش ٽنگيل ھو، فقير ڪافي عرصي کان بيمار هو، جنھن تان خودڪشي ڪئي آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ٽائون ڪميٽي سامارو جي خواجه سرائن جي مخصوص سيٽ تي ڪائونسلر چونڊيل هئي. اطلاع تي مختلف علائقن مان خواجه سرا وڏي انگ ۾ پھچي ويا، ٻئي پاسي مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.