ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ميمڻ ناڪي وٽ موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ميمڻ واسي 2 شاگرد ارون ميگهواڙ ۽ ساحل ميگهواڙ زخمي ٿي پيا، جن کي ڪنري تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.