ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻو) سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ڳوٺ فقير عبدالله انڙ ۾ ڪلا خان پٺاڻ جي سرن جي بٺن تي ڇاپا  هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 61 مزدورن کي آزاد ڪرائي ٿاڻي پهچايو، نارائڻ ڀيل ۽ ھيرو ڀيل پاران مزدورن جي آزادي لاءِ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون هيون، آزاد ڪرايل مزدورن ۾ شريمتي لڇمي، مينا، امرتا، چمپا، مولان، ڪرشن، اجمل پون، راجا ۽ ٻيا شامل آھن. مزدورن الزام هنيو ته بٺن جو مالڪ حساب ڪتاب نه ڏيندو هو ۽ سخت پورھيو ڪرائيندو هو، ٻچا بُک مري رهيا هئا، پوليس موجب مزدورن کي اڄ جمعي ڏينھن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.