ڪنري ويجھو رڪشا ڪلٽي، عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي

0
230

ڪنري (رپورٽر) نبي سر روڊ ويجھو احساس ڪفالت جي رقم وٺڻ لاءِ ويندڙ مستحق عورتن ساب ڀريل رڪشا سم نالي ۾ ڪلٽي ٿي ڪري پيو، عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رڪشا ايڪسل راڊ ٽٽڻ سبب رڪشا ڪلٽي ٿي سم نالي ۾ ڪري پيو. زخمين ۾ گلابي، شانتي، ماسنگھ، ڀاڻجي، مولچند اميون ۽ ٻيا شامل آھن،زخمين کي نبي سر روڊ جي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو.