ڪنري(ن پ ا) ڪنري ڀرسان پرڻيل نوجوان جو گهر مان ٽنگيل لاش ھٿ، وارثن جو احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، بااثرن جي دٻاءُ ۾ خودڪشي ڪرڻ جا الزام. خبر موجب ڪنري ويجھو ڳوٺ مھر غلام مصطفيٰ آرائين 24 سالن جي نوجوان عالم پٽ هيمراج ڪولهي جو سندس گهر جي اندر ڪمريءَ جي ڇت سان ٽنگيل حالت ۾ لاش ھٿ آيو، اطلاع تي ڪنري پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو، جتي پوسٽمارٽم ڪرائڻ تان فوتي نوجوان جي وارثن ۽ پوليس ۾ سخت ڇڪتاڻ ٿي وئي، فوتي نوجوان جي ماءُ ماوي، ڀاءُ ڪانجي، زال گوري ڪولهي شھر جي مک آمريڪن چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاھرين الزام لڳايو ته فوتي نوجوان تي بااثر جون ٻه ٻڪريون چوري جو الزام لڳو، جيڪا چوري اسان ڀري ڏني هئي، ان باوجود بااثرن اسان جي نوجوان تي دٻاءُ ڏنو جنھن کان تنگ اچي هن خودڪشي ڪئي آھي، اسان جي نوجوان ٻين نوجوانن سان گڏجي چوري ڪئي هئي، جيڪا اسان ڀري ڏني ۽ ان جو فيصلو به ٿي ويو، ان باوجود بااثرن جي دٻاءُ ڏنو جنھن تي هن آپگھات ڪيو، هنن چيو ته اسان پوسٽمارٽم نٿا ڪرائڻ چاهيون، ان باوجود پوليس زوري پوسٽمارٽم ڪرايو آھي، نوجوان جي ڪجھ مھينا اڳ شادي ٿي هئي، ۽ هو مال جو ڌنار هو. هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، هوڏانھن فوتي جو مڙھ تعلقي اسپتال مان پوسٽمارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان جي مڙھ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي. واقعي جي جاچ ڪريون پيا ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي.