ڪنري (ن پ ا) ڪنري نبي سر روڊ جو تعميراتي ڪم 4 مھينن کان رولڙي جو شڪار، رڪشا ڊرائيورن  احتجاجي مظاھرو ڪيو. خبر موجب ڪنري کان ميمڻ ڪنري وايا نبي سر ٿر ڏانھن ويندڙ مين روڊ جو تعميراتي ڪم چار مھينن کان رولڙي جو شڪار آھي، روڊ جو ڪم بند هجڻ ڪري روڊ تي گذرندڙ مسافر، علائقي واسي ۽ ٽرانسپورٽر ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن، روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار هجڻ خلاف چنگچي رڪشا ڊرائيورن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڊرائيورن جمن کوسو، ڪلجي ڪولهي، ريحان خاصخيلي، هيرو ڀيل، هريش پياسي ميگهواڙ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته رڪشا خراب ۽ ٽائر ختم ٿي ويا آھن، ٺيڪيدار روڊ تي پٿر اڇلائي گم ٿي ويو آھي، هنن چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي روڊ جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي عذاب مان جان آجي ڪرائي وڃي.