ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ ڪنجهيجي موري وٽ پورهيت برڪت گشڪوري کي بااثرن مبينا ڪهاڙي جا ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، زخمي پورھيت ٻڌايو ته مان مرچ وٺي وڪرو ڪندو آھيان، بااثرن سنجر ڪپري، قربان ڪپري ۽ هڪ نامعلوم چوري جو ڪوڙو الزام هڻي ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد ڪيو،  هن چيو ته هوش اچڻ تي گهر پهتس جتان مائٽ اسپتال وٺي آيا، هن بااثرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.