ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي سچل ٽائون واري علائقي ۾ ڏيڍ مھينو اڳ ٽائون ڪميٽي ڪنري جي ملازم مقتول نوجوان غلام نبي کوکر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس سالي مھر علي کوکر کي رمانڊ لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ڪنري پوليس جوابدار مھر علي کوکر سول ڪورٽ ون ڪنري جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس جوابدار جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت پوليس جي استدعا قبول ڪندي جوابدار کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ڏيڍ مھينو اڳ ٽائون ڪميٽي جي ملازم غلام نبي کوکر کي قتل ڪري سندس سس جي گھر ۾ کڏ کوٽي لاش کي پوريو ويو ھو، مقتول جو پنج ڏينھن اڳ زمين کوٽي قبر ڪڍيو ويو ۽ جزا ورتا ويا، قتل ڪيس ۾ مقتول جي زال شھناز کوکر، سس گلبانو، سالي گلناز اڳ ئي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ٿيل آھن.