ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ اسپنگر ۽ وڏف جي منڊي ۾ سيزن عروج تي، منڊي جي واپارين من مانيون ڪندي پنهنجي ڪميشن ۾ 2 سيڪڙو واڌ ڪندي ڪميشن 7 سيڪڙو ڪري ڇڏي، وڏف جي اگھن ۾ ھزارين روپيا لاٿ، آبادگارن ۽ ھارين جا مٿي تي هٿ، دانهون. خبر موجب ڪنري ۾ قائم وڏف ۽ اسپنگر جو سيزن جو عروج تي پھچي ويو آھي، وڏف ۽ اسپنگر جو بمپر فصل اچڻ کانپوءِ وڏف جو ريٽ اڌ کان وڌيڪ گھٽجي ويو آھي جنھن سبب ھارين، زميندارن ۽ ڪانٽي وارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آھن، ڪنري منڊي ۾ روزانو وڏف ۽ اسپنگر جون چار کان پنج ھزار ٻوريون اسپنگر جا وڪرو ٿيڻ لاءِ اچي رهيا آهن. جڏھن ته 28 ھزار روپئي في مڻ وڪرو ٿيندڙ وڏف 10 کان 17 هزار روپئي مڻ وڪرو ٿي رھي آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسپنگر ۽ وڏف جي منڊي ۾ ڪميشن ايجنٽن مرچن کي علاوه سمورين فصلن تي ڪميشن ۾ 2 سيڪڙو واڌ ڪري 7 سيڪڙو ڪري ڇڏي آھي، جنھن تي هتان جي آبادگارن، ھارين ۽ ڪانٽي وارن ھاشم ڪپري، محمد علي، تاج ڀٽي، عباس، ھريش ڪمار، حسنين آرائين ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته منڊي جا دڪاندار 7 سيڪڙو ڪميشن وٺڻ باوجود رقم روڪ ڪونه پيا ڏين فصل جي رقم جو چيڪ 60 کان 80 ڏينهن جو ڏنو وڃي ٿو جيڪا سراسر ظلم آهي، اسان کي پوکائي جي وقت ڀاڻ ناھي ملندو پاڻي جي کوٽ ھوندي آھي جڏھن اسان جو فصل مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا آھيون ته ريٽ ڪيرائي ڇڏيندا آهن پنهنجي ڪميشن به وڌائي ڇڏيندا آهن، جڏهن اسان کي روڪ رقم ناهي ڏني ويندي ته پوءِ اسان کان 7 سيڪڙو ڪميشن ڇو ٿا وٺن، هنن چيو ته منڊي مان فصل جي رقم ڪون پئي ملي، مرچن ۽ ووڻن جي پوکائي جو سيزن ھلي پيو ڀاڻ ٻج ڪٿان وٺون فصل ڪئين پوکيون منڊي وارا پنهنجي من ماني لڳائي ويٺا آهن، هنن گهر ڪئي ته وس وارا نوٽيس وٺي زراعت، زميندار ھارين کي تباھ ٿيڻ کان بچائين. ٻئي پاسي منڊي ايسوسي ايشن جي نائب صدر مکي يڊسٽر چيو آھي ته ڪنري منڊي ۾ روزانو تقريبن چاليھ ڪروڙ جي رقم جي لگ ڀگ فصل ايندو آهي جيڪا اسان ڪراچي، حاصل پور پنجاب موڪليندا آهيون اتان کان اسان کي رقم ٽي چار مھينن کان مٿي جي عرصي ۾ قستن تي ملندي آهي.