ڪنب (ن پ ا) ڪنب شھر جي ھوٽل تي ويٺل صحافين پرويز گوپانگ ۽ غلام الله سيال امام ڏنو وساڻ، سبحان وساڻ حملو ڪري مٿن لتن مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪيا، صحافي جي دوست علي لاشاري ۽ ساڻس گڏ آيل عزيز، علي شير لاشاري ۽ پ پ ڪنب جي صدر الاھي بخش لاشاري کي به مارڪٽ ڪئي ويئي، مارڪٽ دوران صحافي پرويز گوپانگ جا ڪپڙا پڻ ڦاٽي پيا، جڏهن ته مارڪٽ ڪرڻ بعد وساڻ برادري جا ماڻھو فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته امام ڏنو وساڻ سندس پٽ صحافي شعيب وساڻ ۽ صحافين وچ ۾ ڪجهه ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي تلخي هلندڙ هئي، اطلاع تي مختلف شھرن کان صحافي وڏي تعداد ۾ ڪنب ٿاڻي تي پھتا، جتي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر انور علي بگٽي، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي احمد علي سولنگي ۽ ايس ايچ او ڪنب شوڪت رند صحافين جي وفد سان ملاقات ڪري کين انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ ھڪ ڏينھن جي مھلت طلب ڪري ورتي آھي، ٻي طرف رابطي تي امام ڏنو وساڻ ٻڌايو ته منهنجو پٽ شعيب وساڻ صحافي آھي جيڪو گهران سامان وٺڻ شھر ويو ته کيس رستي ۾ مذڪوره ماڻھن گارگند ڪئي جنهن تان مامرو ٿيو.