ڪنب (ن پ ا) ڪنب ۾ راڄپر پريميئر ليگ مهراڻي اليون کٽي ورتي آهي. ڪنب لڳ ڳوٺ احدي خان راڄپر ۾ راڄپر پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري جنھن ۾ علائقي جي 10 ٽيمن حصو ورتو، جنھن کانپوء ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ ۾ لھراڻي اليون ۽ مھراڻي اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو مھراڻي اليون پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 123 رنسون ٺاھيون  لهراڻي اليون  104 رنسون ٺاهي  آل آئوٽ  ٿي ويا ،ونر ٽيم پاران   ڪمال حيدر 30 رنسون ٺاھڻ ۽ 4 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو جڏھن ته مسڪين مھراڻي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ماڻيو. آخر ۾ ٽورنامينٽ جي ٽرافي فاتح ٽيم جي ڪپتان محمد سميع مھراڻي حاصل ڪئي. ان موقعي تي يونين ڪائونسل جي چيئرمين عقاب خان راڄپر علائقي جي معزز شخصيت زوار سومر راڄپر رئيس طارق مھراڻي ونر ۽ رنر ٽيمن جي ڪپتانن ۽ رانديرن کي نقد انعام ۽ ميڊل تقسيم ڪيا .