ڪنب (ن پ ا) ڪنب ڀرسان بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب مالوند جون 3 مينھون ٿڏي تي ئي مري ويون،  متاثر مالوند کي بيھوشي دورا.  ڪنب ڀرسان ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو ۾ مالوند جڙيل ڄامڙو جون ٻني ۾ چرندڙ مينھن کي بجلي جي تار وچڙي وئي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 مينھون ٿڏي تي ئي مري ويون ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيون. مالوند جڙيل ڄامڙو جي رڙين تي ڳوٺاڻن پھچي بجلي جي تار ڪٽي ورتي، مالوند جون مينھون مرڻ سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو،  صدمي ۾ متاثر مالوند کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا.