ڪشمور ۾ بدامني، ايم ايس جو اغوا ۽ ڪجهه سوال

0
282
ڪشمور ۾ بدامني، ايم ايس جو اغوا ۽ ڪجهه سوال

 ڪشمور ضلعي جو نالو ٻڌندي ئي ماڻهن مان ڇِرڪ ٿو نڪري وڃي. اهو ڏينهن ناهي جنهن ڏينهن قبيلائي تڪرار ۾ڪو ماڻهو نه ٿو ماريو وڃي، ڪا ڦُر جي واردات نه ٿي ٿئي يا ڪو ماڻهو اغوا نه ٿو ڪيو وڃي. عورتاڻي آواز ۾ هرکائڻ کان وٺي روڊن تي هلندڙ گاڏين کي بيهاري روزانو ماڻهو اغوا ڪيا يا ماريا وڃن ٿا مگر ان مامري ۾ قانون بيوس نظر اچي رهيو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اگهور ننڊ ۾ سُتل آهي. ڪشمور ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ئي ان جي گهڻن ڏوهن جو ڪارڻ آهي. هن ضلعي کي اوڀر کان پنجاب ۽ اُتر اولھ کان بلوچستان جا بارڊر لڳن ٿا. ڪي سال اڳ ڪشمور وچ شهر مان هندو ڪميونٽي جا ماڻهو اغوا ڪري بلوچستان طرف کڻي ويندا هئا. 2005ع ۾ ان رستي کي فوجي ڇانوڻي ذريعي ديرا موڙ کان بند ڪيو ويو ته ڪشمور وچ شهر مان ماڻهو (خاص طور هندو ڪميونٽي جا) کڄڻ (اغوا ٿيڻ) بند ٿي ويا. پوءِ ننڍن ٻارن کي کڻڻ يا اغوا ڪرڻ جا ڪجھ واقعا ٿيڻ لڳا، جن ڌاڙيلن جا پيرا ڪشمور جي ڪچي جي علائقن ۾ لڌا ويا. انهن واقعن کي پڻ وچ ۾ ٺاپر اچي وئي پر هاڻي وري قبيلائي تڪرارن ۽ ماڻهن جي اغوائن جي وارداتن ٻيهر ڪَر کنيو آهي، جيڪي خبرون روزانو سوشل ميڊيا تي توڙي اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. ان سلسلي ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ ڌاڙيلن سان “مڪس اپ” هجڻ جي الزام تحت پنهنجي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو. ڪجھ پوليس اهلڪار ۽ صوبيدار معطل ڪيا ويا، مگر ان جي باوجود نتيجو ٻُڙي نڪتو. مون پهرين گذارش ڪئي آهي ته جيئن جيئن وارداتون ٿينديون ويون، تيئن تيئن صرف ضلعي ليول جي آفيسرن جي مَٽا سَٽا ڪئي وئي. وري به ڪشمور ضلعي ۽ ان سان لاڳاپيل تعلقن توڙي ٽائونن ۾ امن امان نه ٿي سگهيو. ڌاڙيل سلطُو شر جي مارجڻ کانپوءِ اها خوش فهمي پيدا ٿي ته هاڻ امن جو پکي هنن شهرن تي اڏامندو پر ائين به نه ٿي سگهيو. بدامني، ڌاڙن، اغوائن ۽ قبيلائي تڪرارن جي فضا گهٽجڻ جي بجاءِ وڌي وئي. ماڻهو گهرن ۾ به غير محفوظ بڻجي ويا. ڪو ائين ناهي ته ضلعي جي پوليس جو نقصان نه ٿيو، پوليس جا به ڪيترائي جوان رهزنن سان مهاڏي ۾ شهيد ٿيندا رهيا، جن جي تڏن تي سنڌي رسم موجب ايس ايس پيز کان آءِ جي، جي رينڪ جا آفيسر به ايندا رهيا آهن. تازو ڪشمور ضلعي مان ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي به اغوا ڪيو ويو، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته خود پوليس کي سيڪيورٽي جي ضرورت آهي!

ويجهڙائي ۾ ضلعي جي هڪ پُرامن ننڍي ايريا گُڊو ۾ بد امني جي اهڙي باھ ڀڙڪي اُٿي آهي، جنهن جي ڪنهن کي توقع ئي نه هئي. گڊو ۾ ٿرمل پاور هائوس آهي، جتان سڄي ملڪ کي بجلي سپلاءِ ٿيندي آهي. جتي هڪ رهائشي ڪالوني به آهي، جنهن ۾ پاورهائوس انتظاميا طرفان اسپتال، شاپنگ سينٽر ۽ دڪان وغيره آهن. گڊو جي واپڊا ڪالوني جي اسپتال پوري ضلعي ۾ مشهور آهي، جتي هر قسم جي بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ ڊيوٽيون ڏيندا آهن.. هتي (گڊو ۾) وقت بَوقت ڪيتريون ئي غير ملڪي ڪمپنيون اينديون رهيون آهن ۽ ٿرمل پاور هائوس جي وڌاءُ توڙي ٻين پروجيڪٽس تي ڪم ڪنديون رهيون آهن. گڊو شهر جون ٻه آباديون آهن، هڪ رهائشي ڪالوني گڊو (جنهن ۾ پاور هائوس جا ملازم ماڻهو رهندا آهن) ۽ ٻي آبادي ڪالوني کان ٻاهر آهي، جتي گڊو بئراج کان نڪري رهائشي ڪالوني جي ديوار جي آخري ڇيڙي تائين (بي ايس فيڊر جي ڪپرن ۽ ان کان ڪجھ هيٺ) مئن روڊ تي لکن جي آبادي آهي ۽ ماڻهن جا هر قسم جا دڪان آهن. هتي اڪثريت ٻاهر جي ماڻهن جي آهي. ڪجھ عرصو اڳ اِتي يعني گڊو مئن روڊ تي واقع ڳُتيل آبادي جي وچ ۾ ڪَلوڙ مُحلي ۾ ميراڻي برادري جي هڪ نوجوان کي قتل ڪيو ويو. ڪجھ ڏينهَن کان پوءِ هڪ سوناري جي دڪان ۾ لکن جو ڌاڙو لڳو، جنهن جي اڃان تائين نه رِڪوري ٿي سگهي آهي ۽ نه ڌاڙيلن جو پتو پئجي سگهيو آهي ته اُهي ڪير هئا، ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانهن ويا؟ هتي گڊو مئن روڊ تي 11 جولاءِ تي شام ڌاري هڪ انوکي واردات ٿي آهي، جنهن جو ڪنهن کي اَنومان به نه هو، جنهن ۾ واپڊا رهائشي ڪالوني جي اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ ايم ايس ڊاڪٽر مُنير احمد نائچ کي گڊو جي ڳُتيل آبادي ۾ موجود سندس ذاتي ڪلينڪ تان ٽن کان چئن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن اغوا ڪيو. چون ٿا ته ڊاڪٽر منير نائچ اغواڪارن سان 20 منٽن تائين مزاحمت ڪئي پر اغواڪار کيس هٿيارن جا بٽَ هڻي زوري کنڀي کڻي ويا. جنهن تي (احتجاج ڪندي)گڊو جي ٽائون چيئرمين يحييٰ خان چيو ته گڊو جا ماڻهو بزدل آهن، ڊاڪٽر جي ڌاڙيلن سان مزاحمت جي ويهن منٽن تائين ڪير به سندس ويجهو نه آيو، ايستائين جو ڊاڪٽر صاحب جا پنهنجا سڀ ملازم ۽ ميڊيڪل اسٽور وارا به هٿيار ڏسي ڪلينڪ ڇڏي ڀڄي ويا. جنهن جي ڪلينڪ جي سڏ پنڌ تي اولھ پاسي مئن روڊ تي ئي گڊو پوليس ٿاڻو واقع آهي ۽ اوڀر طرف گڊو بئراج تي فوجي پڪٽ موجود آهي، جتي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي بيهاري ماڻهن کان فوجي انهن جا شناختي ڪارڊ وٺي چيڪ ڪندا آهن. ايتري محفوظ علائقي مان پاور هائوس جي رهائشي ڪالوني جو ڊاڪٽر ۽ ايم ايس ڏينهن ڏٺي جو سرِ عام گَن پوائنٽ تي اغوا ٿي وڃي ٿو، جنهن جي نه پوليس کي خبر ٿي پوي ٿي ۽ نه فوجي پڪٽ وارن کي خبر ٿي پوي. چون ٿا ته ڊاڪڙ مُنير کي اغوا ڪرڻ مهل مٿس سخت تشدد ڪري، سندس مُنهن ڪپڙي سان ٻڌي بائيڪ تي ويهاري هڪ وِچين رستي تان کنيو ويو، جتي ڪڏهن ڪو سرڪاري عملدار به چوڪيداريءَ لاءِ ناهي ويهاريو ويو. ظاهر آهي جيڪي ڌاڙيل ڊاڪٽر کي کڻي ويا، اُهي انهي رستي سان فرار ٿيا هوندا، جنهن رستي جي انهن کي خبر هوندي ته ڪير به سندن پيڇو نه ڪندو، ڇو ته هتي هر ڪنهن کي خبر آهي ته ان رستي تي ڪا سرڪاري پڪٽ ناهي. هاڻ اهو مسئلو به ماضي جي مسئلن وانگي راڄوڻي طريقي سان حل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي ڪشمور ضلعي جو ايس ايس پي عرفان سمون 14 جولاءِ تي اوچتو ڪشمور شهر جي گهٽين ۾ لهي گهمڻ لڳو، جنهن ۾ هُو  ماڻهن جو خوف ختم ڪرڻ، کين آٿٿ ڏيڻ ۽ محفوظ رهڻ جي پڪ  خاطر مختلف ماڻهن سان مليو، مندرن ۽ گُردوارن ۾ گهميو ۽ اقليتن کي تحفظ ڏيڻ جو پورو پورو يقين ڏياريو. ايم ايس گڊو اسپتال  ڊاڪٽر مُنير احمد نائچ جي ۽ ضلعي جي ٻين ماڻهن جي بازيابي جي حوالي سان پُڇيل سوال تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هُو پُر عزم آهي، گيهلپور (جتي ڌاڙيلن جا ٿاڪ آهن) جي ڪچي ۾ آپريشن جو ارادو رکي ٿو. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته، ڊاڪٽر منير نائچ جي ان اغوا ۾ ڊاڪٽر جي ان مُحلي ۾ موجود  ڪلينڪ جي ڪجھ جرائيم پيشه ماڻهن جي سهولتڪاريءَ کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کي ان پاسي به جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن معطل پوليس وارن کي به ان جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي!