سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا ساڍا 5 لک ٿي ويا

0
438
ڪشمور: گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ

ڪراچي(نمائندن وٽان) گڊو بئراج وٽ سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ چاڙهه، مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، گڊو جا وهڪرا 5 لک 40 هزار 493 ڪيوسڪ ٿي ويا

سکر بئراج وٽ 48 ڪلاڪن کان وهڪرا 5 لک 29 هزار 817 ڪيوسڪ تي برقرار آهن، چاچڙان شريف وٽ سنڌوءَ جي سطح ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي

تونسا بئراج وٽ لاٿ بعد وهڪرا 5 لک 62 هزار 707 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي آهي، تربيلا جا وهڪرا معمول تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن

گڊو بئراج ۾ پاڻي

ڪابل ندي، ڪالاباغ ۽ چشما بئراجن وٽ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، هيٺانهين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ٿي آهي

ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه واري صورتحال آهي، جتي وهڪرا وڌي 4 لک 38 هزار 162 ڪيوسڪ ٿي ويا

پاڻي وهڪرن ۾ اضافي کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي

ھي به پڙھندا

سنڌوءَ جي پاڻي ٺٽي جي ڪچي واري ٻيلن سميت 70 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، حفاظتي بندن تي دٻاءُ، لڏپلاڻ

ميهڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار، گاجي کھاوڙ ڀرسان ڌامراھ واھ کي مختلف ھنڌن تي 3 گھارا