ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ گذريل ڏينهن پاڻي معاملي تان چاچن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪراچي ۾ پڙهندڙ شاگرد جاويد کوسو ۽ سندس ڀاءُ جميل کوسو جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس 12 جوابدارن خلاف ڪشمور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين اسرار کوسو، سندس ڀائرن، نياز کوسو، منظور کوسو، نثار علي ۽ حسن کوسو سميت 7 اڻ سڃاتلن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي، پوليس ڪالهه ڪارروائي ڪري جوابدار ڌر جي زمين تي بيٺل 4 ٽريڪٽر ۽ ٻيو سامان ٿاڻي تي کڻي آئي.