ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) ڪرڪيٽ ميچ ۾ رنسون ٺاهڻ لاءِ رڪشا جو استعمال ٿيڻ جو انوکو واقعو پيش آيو آهي، جنهن سان خلق حيران ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي ميچ دوران رنسن لاءِ رڪشا ڊوڙائڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رنسن لاءِ ڪريز تي ماڻهن بدران رڪشا ڊوڙي رهيا آهن ۽ هڪ موقعو اهڙو به آيو ته ڪريز ۾ نه پهچڻ تي هڪ رڪشا رن آئوٽ به ٿي ويو، هن دلچسپ وڊيو کي هن وقت تائين هزارين ماڻهو ڏسي چڪا  آهن، سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن دلچسپ ڪمينٽس ڏنا آهن. ان ڏس ۾ ڪجهه صارفين لکيو ته ڏيڍ سئو رپيا ليٽر پيٽرول تي رڪشا هلائي ڪرڪيٽ کيڏڻ وڏي ڳالهه آهي.