احمدآباد(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جو 12 هون عالمي ميلو اڄ کان ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم دنيا جي بهترين بيٽر جي حيثيت سان قدم رکندو. اڄ پهرين ميچ دفاعي چيمپئن انگلينڊ ۽ رنراپ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ورلڊ ڪپ کان اڳ ورلڊڪپ ڪيپٽنز ڊي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم حيدرآباد دکن مان خاص جهاز وسيلي احمد آباد پهتو. اڄ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي سچن ٽنڊلڪر کڻي گرائونڊ ۾ داخل ٿيندو. ڪيپٽن ڊي تقريب ۾ سڀ کان پهرين افغانستان ۽ نيدر لينڊ جي ڪپتانن کي اسٽيج تي سڏايو ويو. سري لنڪا ۽ بنگلاديش جا ڪپتان گڏ اسٽيج تي آيا. ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جا ڪپتان گڏ آيا. جڏهن ته بابر اعظم ۽ روهت شرما کي گڏ گهرايو ويو. بابر اعظم چيو ته اسان کي لڳو ئي ڪونه ته ڀارت ۾ آهيون، لڳو ته پنهنجي ئي ملڪ ۾ آهيون، اسان کي ايتري شاندار استقبال جي اميد نه هئي. ورلڊڪپ ۾ 100 سيڪڙو ڏينداسين. روهت شرما  چيو ته ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي. ورلڊڪپ کٽڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين. انجواءِ ڪنداسين. ٻئي طرف آءِ سي سي نئين رينڪنگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ بيٽسمينن ۾ بابر اعظم پهرئين نمبر تي آهي. هو ان ئي پوزيشن ۾ ورلڊڪپ ۾ داخل ٿيندو.