ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور لڳ پوليس مبينا مقابلي ۾ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آهي.ڪرمپور پوليس جمال واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مغوي لياقت شيخ کي بازياب ڪرائي ورتو، ڪنڌڪوٽ واسي پورهيت لياقت شيخ کي ڌڙيلن 3 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو هو. ڪرمپور پوليس بازياب ٿيل نوجوان کي ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ پهچايو، جتان کيس وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي بازيابي بعد سندس گهر ۾ خوشي ڇائنجي وئي. پوليس ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي جمال واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران مغوي جي بازيابي عمل ۾ آئي.