ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان قتل ٿيل عورت جو لاش پوليس هٿ نه ڪري سگهي آهي، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير تيغاڻي ۾ جوابدار پنهل تيغاڻي پنهنجي زال کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش نامعلوم هنڌ دفن ڪري ڇڏيو هو، واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس عورت جو لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ناپرڪوٽ جو چوڻ هو ته ڪچي جو علائقو هجڻ ڪري لاش جي ڳولا ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن جا نالا هٿ اچڻ بعد سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.