ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت نجي بينڪ جي ڪيشيئر کي 19 لکن جو فراڊ ڪرڻ تي 25 سال قيد ۽ 42 لک 18 هزارن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. اسپيشل جج بينڪنگ ڪورٽ جي عدالت نجي بينڪ ۾ 19 لک 9 هزار رپين جي فراڊ جو فيصلو ٻڌايو. عدالت بينڪ جي ڪيشئر ڪامران مرزا کي 25 سال قيد ۽ 42 لک 18 هزار رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 30 مهينا قيد ڪاٽيندو. جوابدار خلاف ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ۾ ڪيس داخل هو، جوابدار ڪيشئير جي حيثيت ۾ نجي بينڪ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هن فراڊ ذريعي 19 لک 9 هزار ڦٻايا.