ڪراچي ۾ گهر ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب باهه، 4 ڄڻا سڙي زخمي

0
161
اسلام ڪوٽ ويجهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا  ميٽرو ويل ڀرسان هڪ گهر ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا

ريسڪيو ذريعن موجب سمورن ماڻهن کي سول اسپتال برنس سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ 45 ورهين جو قاري عطاءُ الله، سندس زال 40 ورهين جي عاصمه، 2 ٻارڙا 11 ورهين جي عتيقہ ۽ محمد شامل آهن

پوليس موجب زخمين ۾ عطاءُ الله 19 سيڪڙو، عاصمه 86 سيڪڙو، عتيقہ 46 سيڪڙو ۽ محمد 38 سيڪڙو سڙي زخمي ٿيا آهن