ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو

0
164
ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو
ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو ۽ شرح اوچتو 18 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن 4 هزار 469 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 805 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، اهڙي ريت شهر ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 18 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي

ٻئي طرف ڪراچي سڄي ملڪ جي وڏن شهرن مان پهرين نمبر تي آهي، ڪراچي کان پوءِ ميرپور آزاد ڪشمير ۾ 4.92 سيڪڙو، پشاور ۾ 4.19 سيڪڙو، لاهور ۾ 3.88 سيڪڙو، گلگت ۾ 3.70 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 2.83 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 2.78 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ ڪيتري ويڪسينيشن ٿي؟، ان حوالي سان صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار ماڻهن کي ڪورونا جي ويڪسين ڏني وئي آهي

صحت کاتي موجب سنڌ ۾ هن وقت تائين 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳايو ويو آهي