ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوو زخمي

0
263
ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي

ڪراچي:  گلستان جوھر بلاڪ 18 ۾ پرفيوم چوڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي  غلام مرتضيٰ راهو زخمي ٿي پيو. زخمي ڊي ايس پي صوبائي وزير اسماعيل راھو جو ڀيڻيويو آهي، ذريعن موجب ڊي ايس پي جي زال حسنه راھو به معمولي زخمي ٿي هئي

پوليس موجب ڊي ايس پي اصل قاضي احمد جو رهواسي آهي، ڊي ايس پي سيڪيورٽي ون ۾ مقرر آهي، ڊي ايس پي پنھنجي گهر واري سان گڏ شادي تان واپس اچي رھيو هيو ته ٻن موٽر سائيڪل سوارن ڦر جي ڪوشش ڪئي، ڦورن سان مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي پير ۾ گولي لڳڻ سبب ڊي ايس پي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.