ڪراچي ۾ ڦرلٽ ڪندي پنهنجي ئي ساٿي هٿان هڪ ڦورو مارجي ويو

0
287
ڪراچي ۾ ڦرلٽ ڪندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ فوڊ ڊيليوري بواءِ کان ڦرلٽ ڪرڻ دوران پنهنجي ئي ساٿي جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

پوليس موجب گلستان جوهر جي دارالصحت اسپتال ويجهو 2 اسٽريٽ ڪرمنل فوڊ ڊيليوري بواءِ فيصل اياز کي ڦري رهيا هئا ته هن مزاحمت ڪئي ته جوابدار مٿس فائرنگ ڪري ڏني

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري سندس ئي ساٿي کي قتل ڪيو، جيڪو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ڊليوري بوائي جي ڪن مان گولي گذري وئي جنهن ۾ هو معمولي زخمي ٿيو آهي

پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي في الحال سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي