ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر ڪارپوريشن جي اهم جاين اين اي ڪي ٽو، اين اي ڪي ٿري پمپنگ اسٽيشن ۽ فلٽر پلانٽ ۽ اين اي ڪي اولڊ پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ پاڻي جي فراهمي جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي چيف انجنيئر اي اينڊ ايم انتخاب احمد راجپوت، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجينئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا. چيف انجينئرن سي اي او کي واٽر ٽرانسميشن سسٽم، بلڪ پمپنگ اسٽيشنز، فلٽر پلانٽس ۽ ريزروائير بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سي اي او سمورن آفيسرن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو تہ شهر کي سمورين بلڪ پمپنگ اسٽيشن تان معمول مطابق پاڻي جي فراهمي کي مڪمل يقيني بڻايو وڃي ۽ شهر ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ موجود پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن، شهر ۾ پاڻي جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪيون وڃن ۽ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ وارا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.