ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ پئي: انگ اکر جاري

0
240
برسات گلشن حديد ۾ پئي
ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ پئي: انگ اکر جاري

ڪراچي: موسميات کاتي گذريل رات کان اڄ شام  5 وڳي تائين برساتن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. موسميات کاتي موجب ، ڪالهه کان اڄ شام تائين گلشن حديد ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات 39 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،

ان کان پوءِ ناظم آباد ۾ 24.4 ملي ميٽر ۽ قائد آباد ۾ 23.8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي مطابق پي اي ايف مسرور بيس تي 22.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي ،

فيصل بيس تي 21 ملي ميٽر ، ڊي ايڇ اي فيز II ۾ 12.5 ملي ميٽر ، سرجاني ۾ 17 ملي ميٽر ، گلشن معمار ۾ 14.6 ملي ميٽر ، اتر ڪراچي ۾ 14.6 ملي ميٽر ۽ اورنگي ٽائون ۾ 12.4 ايم ايم رڪارڊ ڪئي وئي.

ان کان علاوه ، سعدي ٽائون ۾ 13.5 ملي ميٽر ، پراڻو ايئرپورٽ 13.3 ملي ميٽر ، جناح ٽرمينل 10.2 ملي ميٽر ، يونيورسٽي روڊ 10.7 ملي ميٽر ۽ ڪيماڙي ۾ 5.5 ملي ميٽر برسات پئي.