سيهڙ (ن پ ا) سيهڙ ڀرسان ڳوٺ يارو لاکير واسي 17 سالن جو نوجوان علي رضا پٽ علي اصغر ملاح بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو،جڏھن ته وارث نوجوان جي مڙه کي ڪراچي کان ڳوٺ يارو لاکير کڻائي پهتا. جتي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.جنازي جي نماز ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي.هوڏانهن فوتي نوجوان جي والد علي اصغر ملاح جو چوڻ ھو ته منهنجو پٽ ڪراچي ۾ خانگي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ڊيوٽي ڪندو ھو،جتي هو پنهنجن دوستن سان گڏجي وهنجڻ ويو هو،جتان بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.هوڏانهن پٽ جو لاش گهر پهچڻ تي امڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.