ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪرڻ جي سازش

0
181

خاصخيلي لطيف راولاڻي

  ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ان جي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن کي اردو ميڊيم ڪرڻ جي پلاننگ ڪافي سالن کان جاري آھي، جنھن ۾ اداري جا سربراه سڌو سنئون ملوث رھيا آھن. اھا سازش جڏھن کان ملڪ جو وجود پيو آھي تڏھن کان جاري آھي. وڌيڪ تيزي انھي ۾ جڏھن بنگال ڌار ٿيو، اچڻ شروع ٿي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جو بل پاس ٿيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائي ۽ پڙھي ويندي ته ان وقت به اردو ٻولي وارن عام ماڻھو کان علاوه ترقي پسند دانشورن ۽ ليکڪن شاعرن به وڏو گوڙ ڪيو ته سنڌي ٻولي نه کپي. اخبارن ته وڏا وڌا ڪالم لکيا ھئا. غير سرڪاري انگ اکر موجب سوين سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪري اردو ميڊيم ڪيا ويا۔ جن جا واضح نشان اڄ به نظر اچن ٿا، خاص طور تي عزيز آباد جي علائقي ڀنگوريا ڳوٺ جو اسڪول نيو ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن جا اسڪول لياري جي سموري علائقي جا اسڪول ۽ ڪجھ ملير جا اسڪول شامل آھن، جن کي اردو ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو. ڪجھ عرصو ٺاپر کان پوء ٻيھر اھڙيون سازشون ڪري سنڌي ميڊيم اسڪولن کي ختم ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ ابراھيم حيدري جا اسڪول ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ جا اسڪول شامل آھن، جيڪي قديم اسڪول آھن اتي ٻارن جو تعداد تقريبا سنڌي آھي آس پاس آبادي به سنڌي ڳالھائيندڙن جي آھي صرف اسٽاف جي ڪجھ کوٽ آھي، جيڪا پڻ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪئي وئي آھي جو سنڌي اسڪولن ۾ اردو ڳالھائڻ وارا مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪي سنڌي ٻولي کان اڻ واقف آھن ۽ سنڌي ڪونه ٿا ڳالھائين ۽ پڙھائين. ان اھم مسئلي تي علائقي واسي اڳ جيان بي بس نظر اچي ٿو. سماجي ۽ سياسي تنظيمون صرف اشوز جي سياست ڪن ٿيون ۽ ڪي ته ان مسئلي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺا آھن. ملير جو شعور ماٺو ٿي ويو آھي. ھر ڪو معاشي مسئلي ۾ايڏو ته قابو ٿي ويو آھي جو آس پاس ٿيندڙ مسئلن تي ڌيان ئي ڪونه ٿو وڃي ۔اھا صورتحال لاڳيتو رھي ته ڪو ڏيبھن اھڙو ايندو جو اسين سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ڳولا لاء آرڪيالاجي اداري وٽ درخوارست ڏينداسين ته سنڌي ميڊيم اسڪول ڳولي ڏيو۔ ڪٿي ڪٿي سنڌي اسڪول ھئا۔ پرائيوٽ اسڪولن ۾ ته سنڌي پڙھائي ڪونه ٿي وڃي، جنھن ۾ ٽي سي ايف جا اسڪول سرفھرست آھن، جيڪي پڻ سموري سنڌ ۾ قائم آھن. ان کان علاوه جيڪي به ٻيا مشھور تعليمي ادارا آھن، اتي به سنڌي ڪونه ٿي پڙھائي وڃي ۔انگلش ميڊيم جي چڪر ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي ختم ڪيو پيو وڃي ۔ٻولي ختم ٿي ويندي ته پوء قوم ڪئين بچندي. سياڻن چيو آھي قوم ٿي زنده رھي پر جي زبان زنده رھي. قومن جي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي رستي ۾ ٻولي جو اھم رول ھوندو آھي، ان لاء اچو ته سڀ گڏجي ڪري ٻولي کي بچايون. سنڌي ميڊيم اسڪول بچايون۔ انھي ڏس ۾ تڪڙو قدم کڻندي سنڌي ميڊيا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ انھن اخبارن خبرن کان علاوه ايڊيٽوريل به لکيا ۽ ڪافي اخبارن جي نمائندن متاثره اسڪول جو دورو ڪري سنڌي ميڊيم کي اردو ميڊيم ڪرڻ جي خطرناڪ سازش کي بينقاب ڪيو ۽ حد جي اعلي آفيسر کان ليٽر جاري ڪرايو ته ڪنھن به اسڪول جو ميڊيم تبديل نه ٿيندو، انھي ڏس ۾ سخت ائڪشن کنيو ويندو پر ھن کان اڳ ۾ خبر ناھي ڪيترا اسڪول اردو ميڊيم ڪيا ويا ھئا جو ان وقت سوشل ميڊيا جو دور نه ھو ۽ نه ئي ڪي اھڙيون سھولتون ھيون ۔ھاڻي جديد دور ۾ميڊيا جو اھم ڪردار آھي ۽ اھو پنھنجو رول چڳي نموني سان نڀائي رھي آھي، ان کي اڃان به وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ گھرجي جئين اڳ ۾ جيڪي به اسڪول اردو ميڊيم ٿيا آھن، انھن کي ٻيھر سنڌي ميڊيم ۾ آندو وڃي ۽ اسڪولن جا نالا به تبديل ڪيا وڃن، جيڪي ان وقت سياست جي ور چڙھي ويا ھئا. انھن اسڪولن جي نالن کي سنڌ جي قومي ھيرو جي نالن سان لکيو وڃي، جئين انھن جي خلاف ڪابه سازش نه ڪئي وڃي ۽ انھن کي اردو ميڊيم ٿيڻ کان بچايو وڃي.