ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال، گرمي ۽ اوٻر سٽيل شهرين سک جو ساهه کنيو

0
25

ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ بعد گرمي ۽ ٻُوسٽ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي وئي، گرمي ۽ اوٻر سٽيل شهرين سک جو ساهه کنيو

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 8 جولاءِ کان اڳ تائين ڪراچي ۾ وسڪاري جا امڪان نه آهن

 چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڀارتي رياست گجرات ۾ هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب ان جا اثر ڪراچي جي موسم تي به پيا آهن، گذريل ڏينهن شهر جي ڪنهن به اسپتال مان هيٽ اسٽروڪ سبب ڪنهن شهريءَ جي موت جو واقعو رپورٽ نه ٿيو

ذريعن موجب ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ دوران مختلف اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊ ۾ 60 کان وڌيڪ مريضن کي زنده يا مرده حالت ۾ آندو ويو، هيٽ اسٽروڪ دوران 50 کان وڌيڪ شهرين جي موت جا واقعا رپورٽ ٿيا

 ذريعن موجب سرڪاري انگ اکر موجود نه هئڻ سبب خدشو آهي ته هيٽ اسٽروڪ وگهي فوت ٿيلن جو انگ اڃا وڌيڪ هوندو