ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ دالين جي اگهه ۾ ريڪارڊ اضافو، ان ڏس ۾ دال چڻا 69 رپيا واڌ سان 295 ۽ دال مڱ 60 رپيا اضافي سان 330 رپيا في ڪلو تي پهچي ويون ، جڏهن ته ماش ( مانهن ) جي دال 520 رپين ۾ وڪامڻ لڳي، ٻئي طرف ڪابلي چڻن جي اگهه ۾ 60، ڪارن چڻن جي ملهه ۾ 38  ۽ بيسڻ جي ملهه ۾ 30 رپيا في ڪلو اضافو ٿيو