ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، پوليس جو مظاھرين مٿان لٺين جو وسڪارو

0
259

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن، مظاھرين ۽ پوليس ۾ جھڙپون، پوليس پاران مظاھرين تي لٺين جو وسڪارو لاتو ويو، ڪيترائي مظاھرين زخمي ٿي پيا، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شھر جي مختلف ھنڌن تي حددخلين خلاف آپريشن جاري آھي، عدالتي حڪم تي الادين پارڪ ۽ اورپويلين اينڊ ڪلب ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري آھي، آپريشن دوران ريسٽورنٽ کي خالي ڪرايو ويو ۽ ريسٽورنٽ جو سامان ٽرڪ ۾ منتقل ڪيو ويو، راشد منھاس روڊ تي الادين پارڪ تي شاپنگ مال ڪيرائڻ لاءِ بھ آپريشن جاري آھي، شاپنگ پلازھ جي مرڪزي بل بوڊ کي ھيوي مشينري جي مدد سان ڪيرايو ويو، جڏھن تھ شاپنگ پلازھ جي مرڪزي داخل ٿيندڙ رستي جي ڀت کي بھ ڪيرايو پيو وڃي، آپريشن دوران پويلس ۽ دڪاندارن ۾ جھڙپون ٿيون ۽ پوليس مظاھرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي پڻ ڪئي، ڪيترائي مظاھرين زخمي پڻ ٿي پيا، جڏھن تھ ڪيترن ئي مظاھرو ڪندڙ دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو.