ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، ڪيترائي استاد بيهوش

0
32
ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، ڪيترائي استاد بيهوش
ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، ڪيترائي استاد بيهوش

ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي ۾ ڪيترائي استاد بيهوش ٿي ويا

 ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس استادن سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين ڦوهارا چوڪ وٽ روڪي ورتو

 مظاهرين رنڊڪون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي آڏو پهچي ويا، استادن تي لٺبازي ڪرائيندڙ ايس ايڇ او پريڊي ٿاڻو آغا معشوق جي ٽائيم نيوز جي رپورٽر سان به بدتميزي، گارگند ۽ ڌمڪيون، ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش

 مظاهرين چيو ته 3 جون 2024 تي احتجاج بعد تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، هيل استادن کي پڪو ڪرڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو